رهاڻ هيرن کاڻ 7

رهاڻ هيرن کاڻ 7

رهاڻ هيرن کاڻ 7

رهاڻ هيرن کاڻ 7 (ڪتاب: جلد ستون): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور عالم، اديب، مورخ، لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لوڪ روايتن متعلق ڪيل ڪچهرين تي مشتمل ڪتاب جو ستون جلد آهي. هيءَ تحقيقي ڪاوش ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي سري هيٺ هڪ تحقيقي سلسلو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي سگهڙن، شاعرن ۽ سالڪن سان ڪيل ڪچهريءَ جو تذڪرو آهي. هيءُ ڪتاب جدا جدا موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: تاريخ، سورهيه صبغت الله شاهه جي آخري هدايت، حرن جي انگريزن سان ٽولا ٽولا جنگ، ويا سي وينجهار، غوثي طريقي جا چار مٿير مهندار، سنڌي نظم جي صنف ’منظوم بند‘، جمل ڪيئن جُڙيو، ظرافت ۽ خوش طبعي، شاعر ثناءُ الله ثنائيءَ جي ياد ۾، ابيات، قانونچه تصوف، سنڌ جا قديم شهر: حسن باغبان، هُرلا ۽ نار، هاري ۽ مجيري، ونڊيون ۽ پتيون، خواجا خضر ۽ مهتر الياس، عشق الائي ڇا؟، مشاعرو، قلمي ڪتابن ۾ سنڌ جي عالمن جون تحريرون، صاحبڏنو فقير تنيو، نسب ناما ۽ قبيلا وغيره شامل آهن. 150 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 95 روپيا آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز منگيءَ 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو